ڀانيرا بابا پيارا سنگهه

ڀانيرا، بابا پيارا سنگهه: بابا پيارا سنگهه ڀانيرا، جنهن کي سک فرقي جو اڳواڻ چيو وڃي ٿو، سو پنجاب (ڀارت) جي هڪ ڳوٺ ڌميانا ۾ 1958ع تي ڄائو، جيڪو روپڙ ۾ آهي. سندس پوئلڳن جو تعداد هزارن ۾ چيو وڃي ٿو. شروعات ۾ هُو هارٽيڪلچر کاتي آسمان پور ۾ ملازم هو. سندس والد تلسي رام هڪ سٺو رازو هو. جنهن ٻن مزارن تي ڪم ڪيو، سندس وفات کانپوءِ پياري سنگهه پاڻ کي بابا سڏائڻ شروع ڪيو ۽ باقاعدي مجاوري ڪرڻ لڳو. اتي هن طبابت سان گڏ ڪجهه سماجي ڪم به شروع ڪيا. هي پکين لاءِ جهنگل ۾ روزانو اَنُ کڻي ويندو هو.
بابا ڀانيرا ”ڀاوَساگر“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن انتهاپسند سکن کي مشتعل ڪري ڇڏيو. انتها پسند سکن جو چوڻ هو ته هُو پاڻ کي گروءَ جي برابريءَ ۾ آڻڻ چاهي ٿو. ان سلسلي ۾ ’خالصه ايڪشن ڪميٽي‘ جوڙي وئي، جنهن ڀانيرا جي هڪ پوئلڳ جي گهر لڌيانا ۾ 2001ع تي گڏجاڻي ڪري ڀاوَساگر جي ڪاپي ڦري ۽ ساڙي ڇڏي. نتيجي ۾ ڀانيرا جي پوئلڳن وري گرو گرنٿ صاحب جون ڪاپيون ساڙيون. پر ان جو ڪو ثبوت ملي نه سگهيو. ”بابا ڀانيرا“ کي آڪٽوبر 2001ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس ڪتاب تي پابندي مڙهي وئي. سندس خلاف ڪيترائي مظاهرا ڪري سندس لکيل ” ڀاوَساگر “ کي باهيون ڏنيون ويون . سندس گهر تي قبضو ڪري ان کي گردواري ۾ تبديل ڪيو ويو . سندس ڪيترن پوئلڳن کي جيل ۾ واڙيو ويو . چيو وڃي ٿو ته جيل ۾ مٿن انتها پسند سکن تيزاب هاريو ۽ چاقن سان حملا ڪيا . ڀاوَساگر جي پريس ڪاپيءَ کي پوليس پاڻ سان کڻي وئي ۽ بعد ۾ ان کي ساڙيو ويو . ڀانيرا جي ڪيترن ديرن کي به گردوارن ۾ تبديل ڪيو ويو . سندس ئي پوئلڳ گوپال سنگهه ، امباله جي ڪورٽ ۾ مٿس خوني حملو ڪيو ، پر هو ان مان بچي ويو . 2005ع ۾ گرديپ سنگهه نالي هڪ سک انتها پسند مٿس بم سان حملو ڪيو ، پر ان ۾ به هو بچي ويو ، پرديپ سنگهه کي جيل ۾ وڌو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو